اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه پاڪستاني وفد جي قيادت ??ئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير ڪنات تميش ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، اي سي او ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جل?? حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي شروع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جا??زو??ٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ??ئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
10 kidnapped, 3 injured as bandits open fire on vehicles on M5
-
Justice Ayesha Malik recuses herself from Customs Act case
-
Resilience amidst ruins: Stories of flood survivors’ rehabilitation
-
Sindh government moves to boost emergency care at Karachi hospitals
-
PM Shehbaz calls for urgent reforms to boost Pakistan’s agricultural sector
-
SC seeks reply over cutting of trees from Margalla hills
-
فن فاریسٹ ایپ گیم ڈاؤن لوڈ
-
اسپن آف لائف آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی تفصیلات اور خصوصیات
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
شوٹنگ مچھلی سرکاری ڈاؤن لوڈ کے داخلی دروازے کی اہمیت
-
ڈریگن اور خزانہ کا سیدھا تفریحی داخلہ
-
لکی کاؤ ٹرسٹڈ بیٹنگ پلیٹ فارم: ایک قابل اعتماد اور جدید گیمنگ تجربہ