اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگ??ون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، افغانستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغانستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته افغانستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي انتهاپسند تنظيمن کي افغانستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي افغانستان سان گڏ??ي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، افغانستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي موجوده صورتحال افغانستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر افغانستان ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان افغانستان ۾ اٿارٽيز سان گڏ??ي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگ??ون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.
متعلقہ مضامین
-
Sindh assembly approves 200% salary hike for lawmakers
-
KP to send two delegations to Kabul for tribal diplomacy, economic ties
-
Pakistan launches groundbreaking 120KW fast charging station for electric vehicles
-
Privatization of 24 state-owned entities, including PIA, approved, NA told
-
Bounty Queen Official Entertainment App تفریح کا نیا انقلابی پلیٹ فارم
-
ڈنر فوڈ آفیشل تفریحی ویب سائٹ
-
Pakistan detains 20 Indian fishermen
-
PM, army chief discuss national security
-
17 Indian soldiers killed in IHK army base attack
-
US, UN urge restraint after LoC violence
-
CJP takes sou motto over girls torture
-
بھیڑیا شکاری ایپ تفریحی ویب سائٹ