اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 2024ع پاڪستان جي سفارتڪاري جي لاءِ هڪ فعال سال رهيو، اسان جون سفارتي ڪوششون پاڪستان جي عالمي پروفائيل کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي لڳل رهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال دوران آذربائيجان، بيلاروس، بيلجيئم، چين، مصر، گيمبيا، ايران، ار??ن، قازقستان، ملائيشيا، قطر، روس، ساموا، سعودي عرب، تاجڪستان، ترڪمانستان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ برطانيا سان اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ٿي جنهن سان انهن ملڪن سان اهم مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد ۾ منعقد ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان، چين، مصر، قازقستان، قطر، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا دورا ڪيا. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان، بيلجيئم، مصر، گيمبيا، ايران، ار??ن، سعودي عرب، ترڪيه ۽ برطانيا جا اهم دورا پڻ ڪيا. ترجمان چيو ته انهن دورن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ، اهم سياسي افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو اهڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي شخصيتن جي ميزباني پڻ ڪئي. آذربائيجان، بيلاروس، چين، ايران، قازقستان، ملائيشيا، منگوليا، قطر، روس، سعودي عرب، تاجڪستان، ازبڪستان مان قيادت جي سطح جا دورا ٿيا جڏهن ته چين، سعودي عرب، ايران، ڀارت، جرمني، قطر، روس ۽ برطانيا جي ڪابينا جي سينيئر وزيرن پاڪستان جو دورو ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر، سيڪريٽري جنرل سي آءِ سي اي ۽ سارڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽريز جنرل پڻ هلندڙ سال دوران پاڪستان جا دورا ڪيا.
متعلقہ مضامین
-
SC seeks reply over cutting of trees from Margalla hills
-
فن فاریسٹ ایپ گیم ڈاؤن لوڈ
-
اسپن آف لائف آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی تفصیلات اور خصوصیات
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
شوٹنگ مچھلی سرکاری ڈاؤن لوڈ کے داخلی دروازے کی اہمیت
-
ڈریگن اور خزانہ کا سیدھا تفریحی داخلہ
-
لکی کاؤ ٹرسٹڈ بیٹنگ پلیٹ فارم: ایک قابل اعتماد اور جدید گیمنگ تجربہ
-
ٹی پی کارڈ گیم ریلائیبلٹی انٹرٹینمنٹ اے پی پی کا تعارف اور خصوصیات
-
الیکٹرانک انکوائری کریڈٹ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم: نئے دور کی جدید سروس
-
بلیک جیک ایپ گیم ڈاؤن لوڈ - مکمل گائیڈ اور تفصیل
-
بلیک جیک ایپ گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل گائیڈ
-
PG سافٹ ویئر ایپ گیمز کی ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ تجربہ