اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آف??س ج?? ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراهي اجلاس کان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪوم?? ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس ج?? فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او ??ءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عملدارن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آف??س ج?? ترجمان چيو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس ج?? موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او ??ءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
متعلقہ مضامین
-
Fortune Forge سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Hula - آپ کا قابلِ اعتماد بیٹنگ پلیٹ فارم
-
Pak-Tajikistan keen to boost trade, economic ties: Envoy
-
Irfan terms PM’s Azerbaijan visit result-oriented
-
French envoy, WAPDA chief discuss financing for hydropower projects
-
Electronic Probe Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ
-
PT electronic آفیشل گیم پلیٹ فارم
-
مہجونگ روڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ایم جی الیکٹرانکس کی آفیشل گیم ویب سائٹ – گیمنگ کا نیا دور
-
PTCL آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا ذریعہ
-
ناناو آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل تفصیلات
-
الیکٹرانک انکوائری کریڈٹ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم: نئے دور کی جدید سروس